زلفي بخاري ۽ فواد حسن جا نالا اي اسي ايل ۾ شامل، پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ جي سفارش

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب جي درخواست تي زلفي بخاري ۽ فواد حسن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا  ويا. قومي احتساب بيورو(نيب) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ويجهي ساٿي زلفي بخاري  جي آف شور ڪمپنين جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان لاءِ  سندس نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل) ۾ وڌو ويو آهي ۽ پرڏيهي ملڪ وڃڻ کان روڪڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. نجي ٽي وي چينل موجب گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي، زلفي بخاري جو نالو نيب جي درخواست تي ڪابينا جي سب ڪميٽي جي منظوري بعد اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ شاهد خان عباسي جي اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن جو نالو پڻ اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي. ذريعن موجب فواد حسن جو نالو نيب جي درخواست تي اي سي ايل ۾ وڌو ويو آهي جنهن جي ڪابينا جي سب ڪميٽي منظوري ڏني هئي. واضح رهي ته نيب فواد حسن خلاف آشيانا اقبال هائوسنگ اسڪيم ۾ اختيارين جو ناجائز استعمال ۽ ڪرپشن جي جاچ ڪري رهي آهي جڏهن ته فواد حسن کي 5 جولائي تي نيب لاهور ۾ بيان ريڪارڊ ڪرائڻ بعد گرفتار ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *