زرين خان تي اڻ وڻندڙ الزام مڙهيندڙ سندس اڳوڻي مئنيجر نڪتي

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارا زرين خان تي اڻ وڻندڙ الزام لڳائيندڙ ۽ ساڻس ٺڳي ڪندڙ سندس جي اڳوڻي مئنيجر نڪتي. اداڪارا زرين خان ڪالهه پنهنجي اڳوڻي مئنيجر انجلي اٿا خلاف ممبئي جي کار پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ ار داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هن موقف ڄاڻايو هو ته ڪافي عرصي کان مون خلاف انڊسٽري ۾ خراب ۽ اڻ وڻندڙ افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته مان غلط ڪمن ۾ ملوث آهيان اهڙين افواهن پٺيان منهنجي اڳوڻي مئنيجر انجلي اٿا جو هٿ آهي. اداڪارا زرين خان چيو ته انجلي طرفان مڙهيل اڻ وڻندڙ الزامن سبب منهنجي ساک متاثر ٿي آهي ۽ هوءَ مئنيجر طور پنهنجون ذميوارين کان فارغ ٿيڻ باوجود اڃا به منهنجي نالي تي ماڻهن کان پئسا وٺي رهي آهي. ٻئي پاسي زرين خان جي وڪيل رضوان صديقي جو چوڻ هو ته هڪ عورت جي ساک ۽ سندس عزت وڏي اهميت رکي ٿي تنهنڪري ڪنهن کي به عورتن جي ڪردار ڪشي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي خاص طور اُن انسان کي جنهن تي انڌو ڀروسو ڪيوويو هجي. رضوان صديقي وڌيڪ چيو ته انجلي اٿا طرفان مڙهيل الزامن جي نتيجي ۾ سندس اصيل زرين خان جو نالو بدنام ٿيو آهي، ان معاملي تي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو  ڀارتي پئنل ڪوڊ جي سيڪشن 509 تحت ڪيس رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.