زرعي شعبي تي ماحولياتي تبديلي جا اثر گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته زرعي شعبي تي ماحولياتي تبديلي جا اثر گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن جمعي تي وزيراعظم نواز شريف زرعي شعبي کي مسلسل دٻاءَ ۾ رکڻ بابت مختلف مسئلن جو نوٽيس وٺندي هن چيو ته جاچ ادارن کي ٻيهر فعال بنائڻ گهرجي. هن قومي تحفظ خوراڪ جي وزارت کي هدايت ڪئي ته هو زرعي شعبي جي ترقي لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل شعبن سان گڏجي مشاورتي عمل شروع ڪري هن پارٽي جي ذخيرن جو موثر استعمال ۽ پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي واري پاليسي جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻئي طرف وزيراعظم محمد نواز شريف سي ايس ايس امتحان ۾ عمر جي حد 28 سالن مان 30 سال ڪرڻ واري سمري رد ڪري ڇڏي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران وزيراعظم نواز شريف کي سي ايس ايس امتحان لاءِ عمر جي حد وڌائڻ جي سمري اماڻي وئي هئي جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي هئي ته سي ايس ايس لاءِ عمر جي حد 28 بدران 30 سالن تائين ڪئي وڃي سمري ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته حڪومت کي گهٽ عمري ۾ سول سروس ۾ ايندڙ ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم نواز شريف اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي سمري کي ڪيترن ئي رخن جي فقدان جي بنياد تي رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته وزيراعظم جو چوڻ هوته 16 سالن ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ هڪ اميدوار 28 سالن جي ڄمار تائين سي ايس ايس امتحان پاس ڪرڻ لاءِ ٽي موقعا آساني سان حاصل ڪري سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *