زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي کان پوءِ هاڻ صنعتن کي پاڻي فراهمي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي: سنڌ سرڪار

ڪراچي (اين اين  آءِ) سنڌ حڪومت  صوبي ۾ پاڻي جي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. سڌ سماءُ ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ  پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ جي بيراجن ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 72 سيڪڙو ٿي وئي آهي. زراعت، پيئڻ جي پاڻي کان پوءِ هاڻي صنعتن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ارسا 91 19واري ٺاهه تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ٿري ٽيئر فارمولي جي ڪابه قانوني حيثيت ناهي، ارسا ڪيترن ئي سالن کان ان فارمولي تحت پاڻي ورڇ ڪري رهي آهي جيڪا پاڻي ٺاهه جي ڀڃڪڙي آهي. ٿري ٽيئر جي غير مساوي فارمولو مئي 1994 ۾ وزارتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سامهون آيو جنهن کي چيف ايگزيڪٽو آف پاڪستان ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت 23 آڪٽوبر 2000 ۾ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو. وفاق جي اڪائين ۾ پاڻي جي ورهاست ٿري ٽيئر فارمولي تحت هلندڙ آهي  جيڪا پاڻي جي معاهدي جي کليل خلاف ورزي آهي. خيبر پختونخواھ ۽ بلوچستان کي پاڻي جي کوٽ کان ورڇ دوران آجو قرار ڏنو ويو آهي پاڻي جي کوٽ جو سمورو بار سنڌ تي وڌو پيو وڃي . اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڻي جي کوٽ واري مند ۾ پنجاب پنهنجي حصي کان به وڌيڪ پاڻي کڻي وڃي ٿو. اهي ارسا جون پنهنجون رپورٽون آهن. شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو ته ارسا فوري طور تي فلڊ ڪينال بند ڪري. هن چيو ته سنڌ کي ڪنهن به صوبي جي حصي جو پاڻي نه گهرجي ارسا منصفاڻي پاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي. سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سان زندگي شديد متاثر ٿي رهي آهي، ڪشمور کان ڪينجهر تائين سنڌ جا هاري، عورتون، ٻار پاڻي لاءِ روڊن تي آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *