زراعت تي انڪم ٽيڪس نه لڳائڻ جاگيردارن کي تحفظ ڏيڻ آهي: خواجه اظهار الحسن

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته  زراعت تي انڪم ٽيڪس نه لڳائڻ جاگيردارن کي تحفظ ڏيڻ آهي، سنڌ جو هر معاملو عدالتن ڏانهن پيو وڃي، ٻڌايو وڃي ته حڪومت ڇا پئي ڪري؟ سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران ڳالهائيندي خواجه اظهار الحسن چيو ته  ايگريڪلچر انڪم ٽئڪس نه هڻڻ جاگيردارن کي تحفظ مليل آهي، متحده جڏهن زرعي ٽئڪس لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي ته چيو ويو اها ٻهراڙين خلاف ڳالهه آهي، حقيقت ۾ تجويز ڏني هئي ته هارين بدران رڳو زميندارن کان ٽئڪس اوڳاڙيو وڃي.مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته هتي 92 سيڪڙو اڻ سڌا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، رڳو 8 سيڪڙو سڌا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، اهڙي ريت عوام کي رليف نه ملندو. هن چيو ته ٽئڪسز جو سمورو بار عام ماڻهو تي پوي ٿو. خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته گذريل مالي سال سنڌ سرڪار بجلي جي بلن سان گڏ 4 ارب رپيا اوڳاڙيا، هن سال اهو هدف 5 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. هن چيو ته سرڪار بلڊرز ۽ ڪميشن ايجنٽن کان به ٽئڪس پئي اوڳاڙي جيڪا رڳو شهري علائقن مان وصول ڪئي ويندي. خواجه اظهارالحسن جو چوڻ هو ته 7 سالن ۾ سنڌ سرڪار کي 4 هزار 96 ارب رپيا ترقياتي رٿائن لاءِ مليا، جنهن سان سنڌ جي تقدير بدلجي پئي سگهي، پر هتي ان جو استعمال ڪيئن ٿيو، سڀني کي خبر آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته اوهان چئو ٿا ته بجيٽ ۾ رقم گهٽ آهي، جڏهن ته سنڌ جي بجيٽ گڏيل قومن ۾ رجسٽرڊ 50 ملڪن کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اوهان چئو ٿا ته وفاق پئسا نه ٿو ڏئي، 5 سالن دوران اوهان جي وفاق ۾ حڪومت هئي، اوهان ڇا ڪيو؟ خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته تعليم ، صحت ۽ ٻين کاتن ۾ غيرقانوني مقرريون ٿيون آهن جيڪڏهن انهن جوليٽر ڏيکاريم ته ٻڌايو وڃي ته استيعفيٰ ڪير ڏيندو. هن چيو ته اسپتالن ۾ دوائون ۽ انفرا اسٽڪچر جي نالي وڏي رقم رکي ويندي آهي پر خبر ناهي اها ڪيڏانهن پئي وڃي. مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڊولپمنيٽ، هيلٿ، زراعت بابت پاليسيون انتهائي خراب آهن. هن چيو ته ملازمن جي پگهار گهٽ وڌائي وئي آهي، 10 سيڪڙو واڌ مان 20 سيڪڙو ڪئي وڃي. خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته کين اها به ڄاڻ آهي ته سنڌ جي سيڪريٽرين جي دبئي، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن ۾ ملڪيتون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ 160 غير قانوني هائڊرنس آهن ۽ ان مان اندازو لڳايو ته دهشتگردي تي ڪيتري رقم خرچ ٿيندي هوندي. خواجه اظهار الحسن جو چوڻ هو ته ٿر ڏڪار معاملو هجي، يا ڪرپشن، صحت جون  سهولتون هجن يا ڪو ٻيو معاملو هر شئي لاءِ عدالت ٿو وڃڻو پوي. مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته صوبن ۾ ويهي وفاق کي للڪاريو ويندو آهي پر ڇا اسيمبلي ۾ ويهي ضلعن جو آواز نه ٿو ٻڌي سگهجي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *