زبان ترڪي وئي…جيتري ٿي سگهي ڪرپشن جي ڪوششن ڪندا آهيون، منظور وساڻ جي بيان تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٽهڪ

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) جيتري ٿي سگهي ڪرپشن جي ڪوشش ڪندا آهيون سنڌ اسيمبلي ۾ ڪرپشن جي بيان تي منظور وسان جي زبان ترڪي پئي، شهريار مهر چيو ته سچ زبان تي اچي ئي ويو وڏا چوندا آهن ته سوچي سمجهي ڳالهايو ۽ اهي ٺيڪ ئي چوندا آهن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران صوبائي وزير منظور وساڻ جي زبان ئي ترڪي پئي ان جي وات مان اهي لفظ مڪمل ٿيا ئي هئا ته ايوان ۾ ٽاڪڙو مچي ويو ان صورتحال ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج  دراني کي وضاحت ڪرني پئي ايتري ۾ اسيمبلي مان آواز آئي ته منظور وساڻ کي ڪو خواب ته نه آيو ڳالهه اتي ئي ختم نه ٿي اپوزيشن ليڊر شهريار مهر چيو ته آخر ڪڏهن نه ڪڏهن سچ زبان تي اچي ئي ويندو آهي پر اهو زبان جو ترڪڻ پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ان کان اڳ به هڪ ڀيرو منظور وساڻ  جي زبان ترڪڻ سبب ڪافي شرمندو ٿيڻو پيو  هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *