
نيو يارڪ (شوبز نيوز) مشهور امريڪي اقتصادي ميگزين “فوربز” هر سال جيان هن سال به سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ شخصيتن جي لسٽ جاري ڪئي آهي. فوربز هلندڙ سال لسٽ ۾ رڪارڊ 100 ماڻهن کي شامل ڪيو آهي جن ۾ ايشيا سميت دنيا جي سڀني خطن جا فنڪار، اسپورٽس سيلبرٽي، فيشن ۽ ميڊيا سان واسطو رکندڙ ماڻهو شامل آهن. هر سال جيان هن سال به ڪمائي ڪندڙ شخصيتن ۾ امريڪا جون شخصيتون گوءِ کڻي ويون آهن جڏهن ته برطانيا ۽ يورپ جون شخصيتون ٻئي نمبر تي آهن. هن ڀيري سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ 100 عالمي شخصيتن ۾ امريڪي ڳائڻي 29 سالن جي ٽيلر سوئفٽ سرفهرست آهي جڏهن ته هن لسٽ ۾ بالي ووڊ جو واحد اداڪار اڪشي ڪمار جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. ٽيلر سوئفٽ گذريل هڪ سال ۾ 26 ڪروڙ 10 لک امريڪي ڊالر کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي. اڪشي ڪمار سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪدنڙ دنيا جي 100 شخصيتن ۾ 33هين نمبر تي آهي هن گذريل 12 مهينن ۾ تقريبن پاڪستاني 2 ارب رپيا ڪمايا آهن.