
راولپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مقرر آمريڪا جي خاص نمائندي رچرڊ اولسن جي ملاقات،گڏيل دلچسپ وارن معاملن ۽ افغانستان جي صورتحال تي گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو.آئي ايس پي آر مطابق جنرل هيڊ ڪواٽر ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مقرر آمريڪا جي خاص نمائندي رچرڊ اولسن ملاقات ڪئي آهِي
،جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي ۽ خاص ڪري افغانستان جي صورتحال تي گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو.ترجمان مطابق آمريڪا جي خاص نمائندي دهشتگردن خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.