
ڪراچي (م ڊ) دل جي ماهر ڊاڪٽر پاران نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ اهم انڪشاف ڪيا آهن، دل جي ماهر ڊاڪٽر عمير اصغر نواز شريف جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته رپورٽ ۾ جنهن مرض جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو هن کي آهي ئي نه. دل جي ماهر ڊاڪٽر عمير اصغر نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ جنهن بيماري جو ذڪر ڪيو ويو آهي اها بيماري هن کي آهي ڪو نه، ڊاڪٽر امير اصغر چيو ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ جنهن بيماري جو ذڪر آهي اها ٽوڪوسوبوسنڊروم آهي، نواز شريف پليٽليٽس گهٽ ٿيڻ سبب پرڏيهه ويو هو پر رپورٽ ۾ پليٽليٽس جي گهٽتائي جو ڪو ذڪرئي ناهي, دل جي ماهر وڌيڪ چيو ته ٽوڪو سوبو سنڊروم ڪنهن به صدمي جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو، ٽوڪو سوبو سنڊروم عورتن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي ۽ پاڪستان ۾ ان جو علاج به آساني سان ٿي سگهي ٿو, واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون تازيون ميڊيڪل رپورٽون سامهون آيون هيون، جنهن ۾ ڊاڪٽر نواز شريف کي مڪمل صحتياب ٿيڻ تائين سفر نه ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ علاج کانسواءِ واپس قيد ڪاٽڻ ۽ سندس گهرواري جي فوت ٿيڻ جو صدمو دل جو مرض وڌائي سگهي ٿو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن کي هرگز سفر نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ايئرپورٽس، عوامي هنڌن تي وڃڻ گهرجي ۽ نه ئي اسپتال مان نڪرڻ گهرجي جيستائين نواز شريف جي ڪارنري انجنيو مڪمل نه ٿي وڃي، ڪورونا ۽ مختلف بيمارين ۾ نواز شريف جي زندگي کي خطرا آهن