رپورٽ جعلي آهي، منظور وساڻ ٿر جي حوالي سان پاڻ سان منسوب رپورٽ کي جعلي قرار ڏيئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير منظور حسين وساڻ ٿر جي حوالي سان پاڻ سان منسوب رپورٽ جنهن ۾ وزيراعليٰ سنڌ کي ٿر ۾ جاني نقصان جو ذميوار قرار ڏنو ويو هو ان کي جعلي قرار ڏنو ويو آهي خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ٿر ۾ ڏڪار متعلق اڃا تائين ڪائي رپورٽ جاري ناهي ڪئي هن چيو ته ٿر جي ان بابت رپورٽ تيار ٿيڻ ۾ وڌيڪ ٻه ڏينهن لڳي سگهن ٿا صوبائي وزير چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پارٽي سربراهه آهي شوڪاز نوٽيس ڏيئي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *