رٽائرمينٽ بعد پنهنجي ماءُ لاءِ 11 سال گاڏي هلائي، 3 ڪلاڪ روز ماءُ لاءِ ڊرائيونگ ڪئي آهي: شعيب اختر

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر مائرن جي عالمي ڏينهن تي مداحن کي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي آهي. شعيب اختر پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان رٽائرمينٽ کانپوءِ پنهنجي ماءُ لاءِ 11 سال گاڏي هلائي، 3 ڪلاڪ روز پنهنجي ماءُ لاءِ ڊرائيونگ ڪئي آهي، منهنجي ماءُ کي جتي گهمڻو هوندو هو، مان کيس گهمائيندو هيس. هن چيو ته منهنجي ماءُ جي جيڪا خواهش هوندي هئي ته پوري ڪندو هيس، والدين جهڙا به هجن انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، جڏهن پنهنجي والدين جي عزت ڪيو ته الله توهان جي ڪاميابي ۽ عزت لازمي ڪندو آهي، پنهنجي والدين جا نوڪر بڻجي وڃو، الله توهان کي دنيا جو بادشاهه بڻائي ڇڏيندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت ۾ ماڻهو ان ڪري منهنجي عزت ڪندا آهن، ڇو ته مان ڀارتين جي عزت ڪندو آهيان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *