رينجرز ڪمبل ۾ ويڙهي پاڻ سان گڏ هٿيار کڻي آئي هئي، ڪارروائي بعد اهي ئي هٿيار ميڊيا کي ڏيکاريا ويا: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين نائين زيرو تي ڇاپي جو وزيراعظم ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي الزام هنيو آهي ته رينجرز ڪمبل ۾ ويڙهي پاڻ سان گڏ هٿيار کڻي آئي هئي، ڪارروائي بعد اهي ئي هٿيار ميڊيا کي ڏيکاريا ويا، متحده ڪارڪن رينجرز جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيو آهي، هو ثابت ڪري ڏيکاريندو.  ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي لنڊن مان ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته رينجرز اڄ سندس گهر ۽ نائين زيرو تي  ڇاپو هڻي ظلم ڪيو آهي، انساني حقن جون تنظيمون سندس تقرير ٻڌڻ بعد نوٽيس وٺن.هن چيو ته رينجرز سڄي دنيا ۾ پيرا  ملٽري فورس جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي پر اڄ قانون جي رکوالن سندس بيواهه ڀيڻ جي گهر تي ڇاپو هنيو، جيڪا اڪثر بيمار رهندي آهي ۽ ان جي ڪا به اولاد  ناهي.  الطاف حسين الزام هنيو ته ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن وقاص رينجرز اهلڪارن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيو پر رينجرز جي هڪ وڏي آفيسر چيو ته وقاص جو موت پسٽل جي گولي سان ٿيو آهي، وقاص کي رينجرز اهلڪارن ناهي ماريو. الطاف حسين چيو ته وقاص رينجرز اهلڪارن جي فائرنگ سان ئي شهيد ٿيو آهي، هـُو رينجرز جو ڪوڙ ثابت ڪري ڏيکاريندو، جڏهن ڪو رينجرز جو وڏو ڳالهائيندو ته هـُو به جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته  بدقسمتي آهي ته پاڪستان ۾ ڪجهه ماڻهو قانون کان مٿانهون ٿي ويا آهن، ڇا الطاف حسين پاڪستاني شهري يا مسلمان ناهي جو صرف ان جي گهر تي ئي ڇاپا پيا هنيا وڃن. الطاف حسين چيو ته نائن زيرو تان 60 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ بغير گرفتاري وارنٽ جي ڇاپو هنيو ويو، وزيراعظم معاملي جو نوٽيس وٺي. الطاف حسين الزام هنيو ته رينجرز ڪمبل ۾ ويڙهي پاڻ سان گڏ هٿيار کڻي آئي هئي، ڪارروائي بعد اهي ئي هٿيار ميڊيا کي ڏيکاريا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *