رينجرز کي هٿ آيل سمورا هٿيار لائسنس وارا آهن:فيصل سبزواري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ، نائين زيرو تي رينجرز جَي ڇاپي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي وزيراعظم کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي،فيصل سبزواري جو چوڻ آهي ته رينجرز کي هٿ آيل سمورا هٿيار لائسنس وارا آهن. نائن زيرو تي رينجرز جَي ڇاپي کانپوءِ ايم ڪيو ايم جَي مرڪزي، صوبائي، توڙي مقامي اڳواڻن سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. پارٽيءَ جي مرڪز تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متحده اڳواڻ فيصل سبزواري چيو ته ايم ڪيو ايم دهشتگردن خلاف پاڪ فوج سان گڏ آهي. هن چيو ته دهشتگردن طرفان ايم ڪيو ايم جي چونڊ جلسن ۽ ٻين تقريبن تي حملا ڪيا ويا،جنهن بعد مرڪز جي چوڌاري رنڊڪون بيهاريون ويون. فيصل سبزواري چيو ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز مان جيڪي هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اهي سمورا لائسنس وارا آهن، جن جي منظوري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ڏني. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته پشاور سانحي بعد هٿيار رکڻ لاءِ چيو ويو ۽ هاڻ چيو وڃي ٿو ته هٿيار غير قانوني آهن. فيصل سبزواري چيو ته رينجرز گرفتاري دوران سندن ايم پي اي هير سوهو جي مڙس کي به گرفتار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *