رينجرز پاران ڪراچي جي شهرين کي شناختي ڪارڊ ساڻ رکڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رينجرز ترجمان پاران ڪراچي جي شهرين کي هر وقت پنهنجو شناختي ڪارڊ ساڻ رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. رينجرز ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جا شهري پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ هر وقت پاڻ سان گڏ رکن، شناختي ڪارڊ جي ڪاپي قابل قبول نه هوندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن وٽ شناختي ڪارڊ نه ملندو ته کيس حراست ۾ ورتو ويندو جڏهن ته سڃاڻپ ثابت نه ٿيڻ تي کيس حراست ۾ رکيو ويندو. ترجمان جو چوڻ هو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شهر ۾ امن امان جي قيام لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن، شهري به اُن ۾ سيڪيورٽي ادارن جو ساٿ ڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *