رينجرز پاران الطاف حسين خلاف سول لائن ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين خلاف رينجرز جي ترجمان جي مدعيت ۾ رينجرز کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ رينجرز جي اعليٰ عملدارن تي چٿرون ۽ ٽوڪون ڪرڻ خلاف سول لائن ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  الطاف حسين خلاف رينجرز جي ترجمان ڪرنل طاهر جي مدعيت ۾ دهشتگردي ايڪٽ 7  ۽ 605 بِي ايڪٽ تحت ڪراچي جي سول لائن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. رينجرز جي ڪرنل طاهر، الطاف حسين پاران ڪجهه ڏينهن اڳ نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو کي بنياد بنائي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ الطاف حسين چيو هو ته، نائن زيرو تي ڇاپو هڻندڙ رينجرز اهلڪار هئا، جيڪي انشاءَ الله هاڻي هئا ٿي ويندا. ڪيس ۾ الطاف حسين جي جملن ” جن رينجرز والون نَي ڇاپا مارا وه ٿَي اور ٿَي هوجائَينگَي“ ۽ ڪجهه چِٿرن ۽ ٽَوڪُن تي ٻڌل جملن کي بنياد بڻايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *