رينجرز عزير بلوچ جي بيان جي روشني ۾ ذوالفقار مرزا کي جاچ لاءِ گهرائي ورتو

ڪراچي:ڪراچي ۾ لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ کان پڇا ڳاڇا دوران اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ هن پ پ مخالف سمجهيو ويندڙ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو نالو کنيو آهي، جنهن تي رتينجرز اختيارين ذوالفقار مرزا کي جاچ لاءِ گهرائي ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران اهم شخصيتن کان پڇا ڳاڇا جي اجازت ملڻ کانپوءِ رينجرز ڊاڪٽر ذولفقار مرزا ۽ ثانيا ناز سوڌو ٻين 5 اهم اڳواڻن کان جاچ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ سڀ کان پهرين اڳوڻي صوبائي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي پڇا ڳاڇا لاءِ گهرايو ويو آهي، ذريعن مطابق رينجرز پاران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي جاچ لاءِ پيش ٿيڻ جي حوالي سان باضابطا طور تي ٻڌايو ويو آهي، ان کان پهرين ذوالفقار مرزا لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ سان گهرن رابطن ۽ لاڳاپن جو اعتراف به ڪري چڪو آهي، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ذوالفقار مرزا ۽ ٻين اڳواڻن کان جي آئي ٽي جاچ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *