رينجرز ذوالفقار مرزا کي سيڪيورٽي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ رينجرزپاران  ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي  سڪيورٽي فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد  ذوالفقار مرزا جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اڄ ئي ٻڌايو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ بئنچ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي رينجرز جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. رينجرز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته رينجرز سنڌ  ۽خاص طور ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن ۾ مصروف آهي ۽ خير پور واقعي بعد امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورين پولنگ اسٽيشنز تي رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي ان ڪري ڪنهن فرد کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ وس ۾  نه آهي. ٻڌڻي دوران ذوالفقار مرزا جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ايس ايس سيڪيورٽي پاران آءِ جي سنڌ کي ڏنل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ذوالفقار مرزا جي حياتي کي خطرو آهي ان ڪري کيس سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. ايڊو ڪيٽ جنرل عدالت ۾ سي ڊيز پيش ڪندي چيو ته ذوالفقار مرز ا جلسن ۾ گٿا لفظ ڳالهائي ماڻهن جا جذبا ڀڙڪائي رهيو آهي، هو نه ايم اين اي ۽نه ايم پي اي آهي ۽ نه وري مڪاني چونڊن جو اميدوار آهي. ايڊو ڪيٽ جنرل دليلن ۾ اهو به چيو آهي ته ذوالفقار مرزا هر پولنگ اسٽيشنز تي وڃي امن امان خراب ڪرڻ چاهي ٿو ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *