رينجرز جو صوبائي گهرو کاتي کي خط،عزير بلوچ کان جاچ لاءِ جي آئي ٽي ٺاهڻ جي گهر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رينجرز پاران لياري گينگ وار جي سربراهه عزير جان بلوچ کان جاچ لاءِ(جي آئي ٽي)ٺاهڻ جي درخواست صوبائي گهرو وزير ڏانهن موڪلي ڇڏي.ميڊيا رپورٽ مطابق  لياري گينگ وار جي مُک ڪردرا سردار عزير جان بلوچ کان جاچ لاءِ رينجرز گهرو کاتي کي خط لکي چيو آهي ته عزير بلوچ کان وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم(جي آئي ٽي) ٺاهي ويندي،جنهن جو سربراهه ايس ايس پي سطح جو هجڻ گهرجي.خط ۾ اهو به لکيو ويو ته عدالت عزير بلوچ کان جاچ لاءِ جي آئي ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *