ريلوي کاتي زمينن جي ليز واري معاملي ۾ مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس،جواد ايس خواجا چيو آهي ته ريلوي کاتي زمينن جي ليز واري معاملي ۾ مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي، عدالت پاران پاڻمرادي نوٽيس تي حڪم جاري ڪيو ويندو. چيف جسٽس جواد ايس خواجا جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ ريلوي زمينن جي غير قانوني ليز بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته پشاور جي ليز معاهدي ۾ ريلوي بورڊ جي منظوري جو رڪارڊ ناهي مليو. چيف جسٽس چيو ته ريلوي کاتي مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي، ريلوي جي زمينن بابت پاڻمرادي نوٽيس تي حڪم جاري ڪيو ويندو. ٻڌڻي دوران جسٽس دوست محمد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته بنون ۽ لڪي مروت ۾ ريلوي جي زمينن تي پلازه بڻجي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *