ريلوي وزارت ۾ 20 ارب 19 ڪروڙ کان وڌيڪ جي بيضابطگين جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي مالي سال 4 1 Á3 1 0 2 ع جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ريلوي وزارت ۾ 0 2 ارب 1 8 ڪروڙ 5 9 لک کان وڌيڪ جون مالي بي ضابطگيون ۽ بي قاعدگيون ٿيون، ريلوي کي خراب ريلوي انجڻن جي مرمت ۾ دير ۽ انهن مان متوقع آمدني حاصل نه ٿيڻ سان 0 1 ارب 5 2 ڪروڙ 8 9 لک، ريلوي جو سامان چوري سان 5 2 ڪروڙ 4 9 لک، ليول ڪراسنگ جي آپريشنل چارجز جي عدم وصولي سان 7 5 ڪروڙ 1 5 لک رپين جو نقصان ٿيو، پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي غير قانوني طريقي سان 2 ارب 1 9 ڪروڙ 5 3 لک رپين جي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي خريداري ڪئي وئي. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جي آڊٽ رپورٽ 4 1 Á3 1 0 2 ع موجب پاڪستان ريلوي کي خراب ريلوي انجڻن جي مرمت ۾ دير ۽ ان مان متوقع آمدني حاصل نه ٿيڻ سبب پاڪستان ريلوي کي 0 1 ارب 5 2 ڪروڙ 8 9 لک رپين جو نقصان ٿيو. جاري آڊٽ رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ريلوي وزارت پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي غير قانوني طريقي سان 2 ارب 1 9 ڪروڙ 5 3 لک رپين جي هاءِ اسپيڊ ڊيزل خريد ڪئي جڏهن ته آڊٽ دوران انسپيڪٽر جنرل ريلوي پوليس، چيف ڪنٽرولر پرچيز، چيف مڪينيڪل انجنيئر ۽ ڊي اي راولپنڊي سميت ٻين ادارن طرفان 1 ارب 4 1 ڪروڙ 3 3 لک کان وڌيڪ جو ريڪارڊ فراهم ناهي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *