ريلوي جي هر شعبي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون: خواجه سعد رفيق

لاهور (بيورو) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ريلوي کاتو آخري پساهن ۾ پهچي چڪو هو جنهن کي هاڻ پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا سعد رفيق چيو ته هو ريلوي جي هر شعبي تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڊيپوٽيشن تي ويل سمورن ملازمن واپس  آندو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ريلوي جو ترقي، بهتري ۽ بحالي وارو سفر جاري آهي ۽ عوام جو پڻ اعتماد بحال ٿيو آهي. هن چيو ته ريلوي جي ترقي جو ڪريڊٽ کاتي جي ملازمن ڏانهن وڃي رهيو آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته هزاره ايڪسپريس حويليان کان ڪراچي تائين ويندي. ريلوي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته  ريلوي نظام ۾ وڌيڪ 75 نيون انجڻيون شامل ڪيون ويون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *