ريشم کي طلاق جو خوف ورائي ويو، شادي کان انڪار

لاهور(شوبز نيوز)اداڪارا ريشم طلاقن ۽ عليحدگين جي خوف ۾ وٺجي شادي ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ريشم جو چوڻ آهي ته هاڻي مونکي شادي کان خوف ٿيندو آهي ڇو ته شوبز جون شاديون گهڻو وقت ناهن هلنديون. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اداڪارا ريشم چيو ته شادي سموري زندگي ساٿ نڀائڻ جو نالو آهي پر هاڻي ائين ناهي رهيو، ان ڪري مون به پنهنجا شادي وارا ارادا ملتوي ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ريشم ڪافي عرصي کان سٺي رشتي جي ڳولا ۾ هئي، پر هاڻي لڳي ٿو ته خاموشيءَ سان شادي ڪري ڇڏيندي ان ڪري هن اهڙي قسم جو بيان ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *