ريشم ”شهباز شريف زنده باد“ جو نعرو هڻي ڇڏيو

ڪراچي (شوبز نيوز) ڪيترين ئي شوبز شخصيتن عمران خان جي وزيراعظم نه رهڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي پر اداڪارا ريشم سندس حڪومت جي خاتمي تي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن.ريشم انسٽاگرام تي وڊيو جاري ڪندي قوم کي هڪ باب بند ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون.ريشم ڪيپشن ۾ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئون باب سونهري ۽ روشن هوندو.پنهنجي ننڍڙي وڊيو ۾ ريشم چيو ته سندس دوستن، اداڪارن وڊيوز ٺاهيون ۽ مان به مجبور آهيان ته وڊيو ٺاهيان، اهو ئي سبب آهي جو وڊيو ٺاهي رهي آهيان.هن چيو ته مان به نعرو هڻڻ چاهيان ٿي ته شهباز شريف زنده باد.ريشم جي وڊيو تي ميرا به کيس مبارڪ ڏني.ياد رهي ته ماضي ۾ ريشم پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي تعريف ڪندي رهي آهي ۽ ساڻن گڏ تصويرون به ڪڍرائيندي رهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *