ريجنٽ پلازه باهه جو واقعو، ذميوار هوٽل انتظاميا ۽ سول ڊفينس قرار ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ باهه جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي جنهن ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو ذميوار هوٽل انتظاميا کي قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي، رپورٽ ۾ باهه جو ذميوار هوٽل انتظاميا ۽ سول ڊفينس کي قرار ڏيندي چيو ته هوٽل ۾ نه باهه کان بچاءَ جو ڪو سامان موجود هو ۽ نه ئي باهه وسائڻ جو تربيتي عملو، جڏهن ته هوٽل جا هنگامي رستا به بند هئا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته هوٽل جو عملو باهه وسائڻ بدران موقعي تان فرار ٿي ويو، مئي 2015 ۾ هوٽل جو آخري ڀيرو سروي ٿي، جڏهن ته هوٽل انتظاميا باهه وسائڻ جي سامان کي اپ گريڊ نه ڪيو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه راهه فيصل تي هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب 3 عورتن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ باهه جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي جنهن ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جو ذميوار هوٽل انتظاميا کي قرار ڏنو ويو آهي، سنڌ جي گهرو سيڪريٽري ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي واقعي جي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي، رپورٽ ۾ باهه جو ذميوار هوٽل انتظاميا ۽ سول ڊفينس کي قرار ڏيندي چيو ته هوٽل ۾ نه باهه کان بچاءَ جو ڪو سامان موجود هو ۽ نه ئي باهه وسائڻ جو تربيتي عملو، جڏهن ته هوٽل جا هنگامي رستا به بند هئا، رپورٽ ۾ چيو ويو ته هوٽل جو عملو باهه وسائڻ بدران موقعي تان فرار ٿي ويو، مئي 2015 ۾ هوٽل جو آخري ڀيرو سروي ٿي، جڏهن ته هوٽل انتظاميا باهه وسائڻ جي سامان کي اپ گريڊ نه ڪيو، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شاهه راهه فيصل تي هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب 3 عورتن سميت 12 ڄڻا فوت ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *