رياست کي چئيلنچ ڪندڙن کي رياستي سگهه سان چيڀاٽيو ويندو: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو)  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو پوري طورح خاتمو اڃان ناهي ٿيو، ويڙهه اڃان هلي رهي آهي. مدرسن ۾ پاڪستان جو نصاب شامل ڪيو ويندو.وفاقي گهرو وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ قومي ايڪشن پلان بابت اهم اجلاس ۾ گهڻا اهم فيصلا ڪيا ويا آهن انهن ۾ خاص اهي  ته رياست کي چئيلنج ڪندڙن کي رياستي سگهه سان چيڀاٽِو ويندو. گذريل 8 مهينن ۾ ڪاميابيون مليون آهن ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال وڌيڪ بهتر ڪئي ويندي.اسلام جي نالي تي تضاد پکيڙيندڙن کي پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. فوج ملٽري آپريشن ڪري سوات کي صاف ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي اتروزيرستان ۾ نيٽ ورڪز کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.پاڪستاني فوج جي جانن جي قربانين تي ڪو به شڪ ناهي پر سيڪيورٽي فورسز کانسواءِ ٻين ادارن به ڪم ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته اڻ ڳڻين دهشتگردي جي واقعن کي ٿيڻ کان روڪيو ويوآهي. دهشتگردي جي خلاف  ويڙهه هلي رهي آهي ۽ هلندي رهندي، پوري فتح لاءِ ڪجهه وقت گهرجي ٿو. بازار، گهٽيون، بند نٿا ڪرڻ چاهيون ۽ اهو ڏينه پري ناهي جڏهن پاڪستان مان هر طرح جي دهشتگردي ختم ٿي ويندي. چوڌري نثار جو وڌيڪ چوڻ هو ته اين جي اوز بنا اجزت ڪم ڪري رهيون آهن ، پرڏيهي اين جي اوز ۽ مقامي اين جي اوز صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهن. اڍائي مهينن جي اندر اين جي اوز بابت پاليسي تيار ڪري ڇڏي آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاليسي جو اعلان ڪنداسين . پرڏيهي اين جي اوز سان مقامي اين جي اوز جي مڪمل مانٽرنگ ٿيندي، گهڻيون ئي اين جي اوز سٺو ڪم ڪري رهيون آهن پر اين جي اوز کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ ٿا چاهيون. وفاقي گهرو وزير چيو ته گذريل 8 سالن ۾ بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي هٿيارن جا لائسنسز جاري ڪيا ويا.هٿيارن جي لائسنسن جو پاڻ مرادوجائزو ورتو ويندو ۽ ڪمپيوٽررائيز ڪيا ويندا.سندس چوڻ هو ته افغان پناهگيرن کي قانون مطابق ڪيمپن ۾ رهڻو آهي. افغان پناهگير ڪاروبار نٿا ڪري سگهن پر ڪري رهيا آهن. هاڻي جيڪڏهن پناهگيرن کي روڪيون ٿا ته ردِ عمل ٿو اچي. مدرسن جي رجسٽريشن جو طريقيڪار طئي ڪيو ويندو ۽ مدرسن جي رجسٽريشن جا فارم کي سولو بڻايو ويندو، جڏهن ته مدرسن ۾ پاڪستان جو نصاب شامل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *