رياست کي آئين تحت هلايو وڃي، هر ادارو پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪندو ته ٽڪراءُ پيدا نه ٿيندو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته230 ارب رپين جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ٻڌايو وڃي ته ايراني تيل 200 ناڪا ڪراس ڪري ڪراچي ڪيئن پهچي رهيو آهي،  رياست کي آئين تحت هلايو وڃي، هر ادارو پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪندو ته ٽڪراءُ پيدا نه ٿيندو، اپيڪس ڪميٽين جو اهم ڪم ناهي، جيڪو ملڪ اندر ٿي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ميڊيا ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته 230 ارب رپين جي ڳالهه ڪئي وئي، چيو  يو ته 110 ارب هيروئن ۽ 90 ارب ايراني پيٽرول ذريعي آيا آهن، بلڪل اها رقم ايندي هوندي پر ٻڌايو وڃي ته ايراني تيل ڪراچي ڪيئن ٿو پهچي؟. هن چيو ته رياست کي آئين جي ڪتاب جي طريقي سان هلايو وڃي، ڪنهن اداري کي ڪم ڪرڻو آهي يا نه اهو سڀ آئين ۾ طئي ٿيل آهي. خورشيد شاهه چيو ته نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي جو ڪردار آئين ۾ لکيل آهي، هر ادارو پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪندو ته ٽڪراءُ نه ٿيندو. اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته اپيڪس ڪميٽين جو اهم ڪم ناهي، جيڪو ملڪ اندر ٿي رهيو آهي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سياستدانن مختصر مدي ۾ ايٽم بم ٺاهيو، ڌماڪا ڪيا ۽ ميزائل جي ٽيڪنالوجي ڏني، ڊڪٽيٽر سياستدانن جو ڪردار  ورتو ته هڪ فون ڪال تي ڍير ٿي ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته ضرب عضب ۽ دهستگردي جي جنگ ۾ پيپلزپارٽي جو ڪردار ڪير به وساري نٿو سگهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فوجي عدالتون وقت جي ضرورت هئي، سڀني مخالفت ڪئي پر آصف علي زرداري فيصلو ڪرايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *