رياست خلاف ڪاررواين تي سپريم ڪورٽ ڪارروائي ڪندي: چيف جسٽس

اسلام آباد(م.ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته چيو آهي ته رياست خلاف ڪاررواين تي سپريم ڪورٽ ڪارروائي ڪندي، سپريم ڪورٽ ۾ جاچ ادارن ۾ مبينا مداخلت بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل 5 رڪني لارجر بينچ آڏو پيش ٿيو، چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پُڇاڻو ڪيو ته ڪابينا ڪنهن جي چوڻ تي ڪرپشن ۽ ٽئڪس رهتن بابت رولز ۾ ترميم ڪئي؟ عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته رولز تحت ڪرپشن، دهشتگردي، ٽئڪس رهتن وارا ۽ لون ڊفالٽر پرڏيهه نٿا وڃي سگهن، عدالت سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن کي ضابطن جي خبر آهي؟ اي سي ايل جي رولز ۾ ترميم وارو فيصلو في الحال ڪالعدم قرار نٿا ڏيون، رياست خلاف ڪارروائي تي سُپريم ڪورٽ ڪارروائي ڪندي، چيف جسٽس چيو ته جوابدار پنهنجي فائدي لاءِ رولز ۾ ترميم ڪيئن ڪري سگهي ٿو، ڇا وفاقي ڪابينا رولز ۾ ترميم جي منظوري ڏني هئي؟ سُپريم ڪورٽ اي سي ايل جي رولز ۾ ترميم جو طريقيڪار طلب ڪري ورتو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *