رياستي ادارن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) وفاقي اطلاعات واري وزير پرويز رشيد چيو آهي ته عمران خان پاران روزانو شريف ڀائرن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي وزيراعظم ڪڏهن عمران خان جي ذاتي زندگي تي نه ڳالهايو آهي رياستي ادارن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ قانون شڪني ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته عمران خان پاران روزانو شريف ڀائرن جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي ۽ وزيراعظم اڄ ڏينهن تائين ان جي باري ۾ جواب نه ڏنو آهي ۽ نه ئي عمران خان جي ذاتي زندگي تي ڪا راءِ ڏني آهي پر ان جي باوجود به تحريڪ انصاف جي سربراهه پاران شريف ڀائرن تي الزامن جو سلسلو افسوسناڪ آهي. پرويز رشيد چيو ته شريف ڀائرن جي اخلاق ۽ ڪردارجي تعريف ته ان جا مخالف به ڪندا آهن ۽ آئون ان ڳالهه جو گواهه آهيان. هن چيو ته عمران خان جي لڳايل الزامن جي تحقيقات لاءِ قائم ڪيل عدالتي ڪميشن ان ۾ ڪوئي ٻيو رڪن شامل ڪرڻ جي باري ۾ فيصلو ڪندي حڪومت کي اهو اختيار حاصل نه آهي جو هو سپريم ڪورٽ جي ججن کان سواءِ ڪنهن ٻين ميمبرن کي ڪميشن ۾ شامل ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *