روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ڀارتي اداڪاره شبانه اعظمي آءِ سي يو منتقل

 

ممبئي(شوبز نيوز) روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ڀارتي اداڪاره شبانه اعظمي کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ممبئي پوني ايڪسپريس وي تي ٿيندڙ روڊ حادثي ۾ شبانه اعظمي سخت زخمي ٿي پئي هئي جيڪا ممبئي جي مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ هاڻ کيس انتهائي نگهداشت واري وارڊ(آءِ سي يو) منتقل ڪيو ويو آهي.روڊ حادثي ۾ شبانه اعظمي سان گڏ ئي معمولي زخمي ٿيندڙ ان جي مڙس ۽ مشهور شاعر جاويد اختر ٻڌايو هو ته شبانه اعظمي جي حالت خطري کان ٻاهر  آهي ۽ ان جا ميڊيڪل ٽيسٽ به بهتر آيا آهن.ٻئي طرف اسپتال جي ڊاڪٽر جو چوڻ اهي ته شبانه اعظمي پهريان کان  بهتر ۽ ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ آهي.هوڏانهن ممبئي پوليس حادثي بابت ٻڌايو آهي ته ظاهري طور تي ڪار جو ڊرائيور ٻئي گاڏي کي اوور ٽيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن سبب حادثو پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *