رونالڊو 23 مھينا قيد جي سزا کان بچڻ لاءِ معاھدي تي سھي ڪري ڇڏي

 

پرتگال(اسپورٽس نيوز) پرتگال جي فٽ بال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو ٽئڪس فراڊ ڪيس ۾ 23 مھينا قيد جي سزا کان بچڻ لاءِ 2 ڪروڙ 16 لک ڊالر ڏنڊ ادا ڪرڻ واري معاھدي تي راضي ٿي ويو آھي. رونالڊو پنھنجي مڱ جو ھٿ وٺي مسڪرائيندي عدالت کان ٻاھر نڪتو ۽ پنھنجي چاھيندڙن کي آٽوگراف ڏئي ڪاري رنگ جي وين ۾ سوار ٿي ھليو ويو.پنج ڀيرا فٽ بالر آف دي ايئر رھندڙ رونالڊو رڳو 15 منٽن لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيو، جتي کيس رڳو اڳ کان طئھ ٿيل معاھدي تي صحيح ڪرڻي ھئي.2017ع ۾ رونالڊو انھن الزامن جي ترديد ڪئي ھئي تھ 2011ع ۽ 2014ع دوران مٿس آمدني لڪائڻ لاءِ ڄاڻي واڻي ھڪ بزنس اسٽرڪچر کي استعمال ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *