
ميڊرڊ(اسپورٽس نيوز) سپر اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو چئمپينز ليگ جي هڪ سال جي مئچن دوران 18 گول اسڪور ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو، جنهن جي خوشيءَ ۾ کيس گرل فرينڊ شاندار پارٽي ڏني. گذريل ڏينهن ريئل ميڊرڊ ڪلب چئمپينز ليگ فٽبال ۾ مخالف ٽيم ايپول نڪوسيا کي 0- 6 تان عبرتناڪ شڪست ڏئي آخري 16 ٽيمن ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. ان موقعي تي رونالڊو مئچ ۾ 2 ڀيرا بال کي ڄاري جي پار پهچائي ڪئلينڊر ايئر ۾ سڀ کان وڌيڪ 18 گول ڪرڻ جي نئين تاريخ رقم ڪئي.ٻئي طرف چئمپينز ليگ جو رڪارڊ قائم ڪرڻ بعد رونالڊو پنهنجي گرل فرينڊ جيورجينا روڊريگيز سان گڏ شام ملهائي ۽ خوشيءَ کي ڀرپور انداز ۾ سيلبريٽ ڪيو. رونالڊو ۽ سندس گرل فرينڊ جي تصوير سوشل ميڊيا تي به شيئر ٿي آهي