روس _ يوڪرين جنگ: 137 ماڻهو مارجي ويا، روسي عوام سراپا احتجاج، پيوٽن هٽلر قرار

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) يوڪرين جي مشهور چرنوبل ايٽمي پلانٽ تي روسي قبضي کان پوءِ تابڪاري جو اخراج شروع ٿي ويو. يوڪرين جي نيو ڪليئر ايجنسي جو چوڻ آهي ته چرنوبل مان گاما شعاعن جو اخراج وڌيو آهي ۽ تابڪاري قبول ڪرڻ جوڳي حد کان وڌيڪ آهي جڏهن ته موجوده صورتحال ۾ ان جو سبب ڄاڻڻ ڏکيو آهي. يوڪرين جو چوڻ هو ته دشمن ڪيف ۾ پارليامينٽ جي عمارت کان 6 ڪلوميٽر پري اتر ضلعي اوبولان ۾ آهي تنهنڪري امن پسند شهري، هوشيار رهن ۽ گھرن کان ٻاهر نه نڪرن. روس پاران يوڪرين تي ٻئي ڏينهن به بمباري جاري آهي، پهرين ڏينهن تي ويڙهه دوران 137 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين جي راڄڌاني ۾ جمعي جي صبح ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جڏهن ته يوڪرين جي حڪومت جي صلاحڪار پڻ ٻئي ڏينهن روسي حملي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل حملا راڄڌاني ڪيف ۾ جاري آهن، يوڪرين جي فوج جو چوڻ آهي ته روس راڄڌاني ڪيف جي هڪ رهائشي علائقي ۾ ميزائل فائر ڪيا، جڏهن ته يوڪرين جي فضائي دفاعي نظام ٻن ميزائل روسي فوجين جي حملن کي تباهه ڪري ڇڏيو، ڪيف جي ميئر موجب روسي ميزائل جو ٽڪرو هڪ رهائشي عمارت تي ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ميزائل جو تباهي گهر تي ڪري پيو ۽ باهه لڳي وئي، ان دوران يوڪرين جي اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته روسي جهاز ڪيف ۾ ڪيرايو ويو، سندس چوڻ آهي ته روسي جهاز کي راڄڌاني ڪيف جي ڊارنسڪي ضلعي ۾ ڪيرائي تباهه ڪيو ويو، ٻئي طرف آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين دعويٰ ڪئي آهي ته روسي فوج يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف کان 20 ميلن جي مفاصلي تي پهچي وئي آهي، ٻئي پاسي يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته روس سان ويڙهه جي پهرين ڏينهن ۾ 137 ماڻهو مارجي ويا آهن، ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته  يورپ جي 27 اڳواڻن کان پڇيو ته يوڪرين نيٽو ۾ شامل ٿيندو؟ هر ڪو ڊڄي ٿو ۽ جواب نٿو ڏئي پر اسين ڊڄڻ وارا نه آهيون، هن چيو ته يوڪرين کي روس سان وڙهڻ لاءِ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي، پر اسان سخت جنگ ڪنداسين، يوڪرين جي بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته روسي فورسز جي قبضي کان ڪيف ايئرپورٽ جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي،  ٻِئي طرف روس جي يوڪرين تي حملي کانپوءِ ماسڪو ۾ صدر پيوٽن خلاف احتجاج شروع ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين تي روس جي حملي جي ڪجهه ئي ڪلاڪن بعد روسي شهري يوڪرين تي روسي حملي خلاف روڊن تي نڪري آيا، مظاهرين صدر پيوٽن کي هٽلر قرار ڏنو، ميڊيا رپورٽن موجب راڄڌاني ماسڪو ۾ خميس جي رات هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن يوڪرين جي حملي خلاف احتجاج ڪيو ۽ جنگ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته گاڏين ۾ سوار شهرين مظاهرين جي حمايت ۾ هارن پڻ وڄايا. ميڊيا رپورٽن موجب صدر جي ان قدم جي مخالفت لاءِ سينٽ پيٽرزبرگ سميت راڄڌاني ماسڪو کانسواءِ ٻين شهرن ۾ ماڻهن جو وڏو انگ روڊن تي نڪري آيو. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي روسي عوام يوڪرين تي حملي جي مخالفت ڪندي پنهنجي حڪومت جي ان قدم جي مذمت ڪئي آهي،  ان کان علاوه يوڪرين تي حملي خلاف ٽوڪيو، تل ابيب، بيروت، نيويارڪ سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ روسي سفارتخانن ٻاهران شهرين ۽ يوڪرين ۾ امن جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ائٽمي هٿيارن جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ نوبل امن انعام يافته تنظيم به جنيوا ۾ يورپي يونين جي هيڊ ڪوارٽر آڏو احتجاج ڪيو، ھوڏانھن روس جي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته گاديءَ واري هنڌ ڪيف کي يوڪرين جي ٻين حصن کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. ماسڪو مان جاري ڪيل بيان ۾ بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته روسي فوج ڪيف جي اولهندي حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي. روسي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي فوجن جي پيرا ملٽري فورسز ڪيوف جي ويجهو ايئرپورٽ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. عالمي ميڊيا ٻڌايو آهي ته روسي فوج يوڪرين جي 200 فوجين کي ماري ڇڏيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *