روس هالي ووڊ اداڪار اسٽيون سيگل کي شهريت ڏئي ڇڏي

ماسڪو(شوبز نيوزس) روس جو چوڻ آهي ته مارشل آرٽس جو ماهر ۽ هالي ووڊ اداڪار اسٽيون سيگل کي روسي شهريت ڏني وئي آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق روسي صدر ولادي مير پيوٽن 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيترن ئي هالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪار جي شهريت جي ڪاغذن تي صحيحون ڪيون. صدر پيوٽن جي ترجمان چيو ته بهترين اداڪار ۽ روس جي باري ۾ سٺا خيال رکڻ جي ناتي سيگل کي شهريت ڏني وئي آهي. سيگل سٺو گٽار به وڄائيندو آهي. هن 2014ع ۾ هڪ ڪنسرٽ به ڪيو. سيگل کانسواءِ فرانسيسي اداڪار جيرارڊ ڊيپر ڊپو آمريڪي مارشل آرٽس فائٽر چيف مينن، آمريڪي باڪسر روئي جونر ۽ آمريڪي سنو بورڊ روڪ وائلڊ کي به روسي شهريت ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *