روس جي تازي حملي ۾ 70 کان وڌيڪ يوڪريني فوجي مارجي ويا، لکين يوڪريني ملڪ مان فرار

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) يوڪرين جي هڪ فوجي اڏي تي روسي گولا باري جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ يوڪريني فوجي مارجي ويا، جڏهن ته روس سمورا هدف حاصل ڪرڻ تائين ڪارروائي جاري رکڻ جو چيو آهي. يوڪرين ۾ فوجي مارجڻ جي تصديق علائقائي گورنر ڪئي، سندس موجب اها بمباري اتر اوڀر علائقي اوختيرڪا ۾ ڪئي وئي، اهو هڪ ئي ڏينهن ۾ يوڪريني فوج جو هيل تائين سڀ کان وڏو نقصان آهي. هوڏانهن يوڪريني اختيارين موجب روسي حملي کانپوءِ هيل تائين 530 کان وڌيڪ عام شهري به مارچي چڪا آهن، جن ۾ 14 ٻار به شامل آهن. ٻئي پاسي روس جي بچاءَ واري وزير سرگئي شوئيگو چيو آهي ته سمورا هدف حاصل ڪرڻ تائين يوڪرين تي حملو جاري رهندو. هڪ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته يوڪرين کي غير عسڪري بڻايو ۽ نازين کان پاڪ ڪيو ويندو، ان جو مقصد روس کي اولهه ملڪن طرفان پيدا ڪيل فوجي خطري کي بچائڻ آهي. هوڏانهن اهي اطلاع به آهن ته روسي فوج جو قافلو يوڪريني تخت گاهه ڪيف جي وڌيڪ ويجهو پهچي ويو آهي. ٻئي طرف يوڪرين تي روسي حملي کانپوءِ تقريبن ساڍا 6 لک ماڻهو ملڪ مان فرار ٿي چڪا آهن. انهن مان رڳو پولينڊ پهچندڙ يوڪريني شهرين جو انگ 30 لک کان وڌيڪ ٿئي ٿو. پولينڊ جي نائب گهرو وزير موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن پولينڊ جي سرحد پار ڪئي آهي. شروعاتي جائزن موجب يوڪرين ڇڏيندڙ شهرين جو انگ ڪيترن ئي ملين تائين پهچي سگهي ٿو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن روسي فورسز اعلان ڪيو هو ته جيڪو به ملڪ ڇڏڻ چاهي ٿو ته ان کي وڃڻ جي اجازت آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *