روسي بري فوج جي سربراهه جي آرمي چيف سان ملاقات، پاڪستان ڪنهن کي نقصان پهچائي فائدو وٺڻ تي يقين نه ٿو رکي: جنرل باجوه

راولپنڊي( نيوز ڊيسڪ) روسي بري فوج جي سربراهه جو جي ايڇ ڪيو جو دورو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات، آرمي چيف چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن کي نقصان پهچائي فائدو وٺڻ تي يقين نه ٿو رکي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب روسي ڪمانڊر اِن چيف جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن شهيدن جي يادگار تي گل رکيا، پاڪ فوج جي چست جٿي روسي فوج جي سربراهه کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب روسي ڪمانڊر اِن چيف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي توڙي تربيبي معاملن ۽ خطي جي سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ روس گڏيل فوجي لاڳاپن کي وڌي اڳتي وڌائڻ جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان ڪنهن کي نقصان پهچائي فائدو وٺڻ تي يقين نه ٿو رکي، پاڪستان گڏيل سهڪار، رابطن ۽ بهتر لاڳاپن تي يقين رکي ٿو. آرمي چيف چيو ته روس ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ فوجي سهڪار خطي ۾ امن ۽ سلامتي جو ڪارڻ بڻجندو. رآءِ ايس پي آر موجب روسي فوج جي سربراهه ملاقات دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جيڪي به ڪاميابيون ماڻيون آهن، دنيا کي ان جي واکاڻ ڪرڻ گهرجي. روسي ڪمانڊر انِ چيف پاڪستان سان مضبوط ۽ وسيع بنياد تي لاڳاپن جو اظهار ڪندي چيو ته روس پاڪستان سان وڌيڪ بهتر لاڳاپا چاهي ٿو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *