روس، افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي سفيرن جو خطي ۾ امن استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان جي ساراهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) روس، افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي سفيرن خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري پوري خطي جي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي جڏهن ته صدر ممنون حسين چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري خطي جي سمورن ملڪن کي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيندي ۽ معاشي ترقي جا نوان رستا کلي ويندا پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب جي ذريعي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهي هي آپريشن آخري دهشتگردن جي خاتمي تائين جاري رهندو سينٽرل ايشيا ۽ ڪامن ويلٿ آف انڊيپينڊنٽ اسٽيٽس جي سفيرن اربع تي صدر سان ملاقات ڪئي ۽ ان سان گڏيل دلچسپي جا معاملا ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پاڪستان جي صدر چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ عوام پوري خطي سان تجارتي ثقافتي ۽ عوام وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿي. ان سلسلي ۾ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويئي آهي ۽ واسطيدار حڪومتن سان گڏجي عملي قدم کنيا پيا وڃن صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي نتيجي ۾ خطي جي سمورن ملڪن وچ ۾ اقتصادي رابطا وڌندا ۽ ترقي جا نوان رستا کلندا. صدر سان ملاقات ڪندڙن ۾ قذاقستان، آزار بائيجان يوڪرين تاجڪستان افغانستان روس بيلا روس ڪرغزستان ازبڪستان ۽ ترمڪانستان جا سفير شامل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *