روزانو 10 هزار ماڻهو غير قانوني طريقي سان ملڪ ۾ داخل ٿيندا ته ايڪشن پلان تي عمل ڪيئن ٿيندو؟: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جواد ايس خواجه اين جي اوز جي رجسٽريشن ۽ فنڊنگ واري ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف وڙهي رهيا آهيون پر 9 مهين کان قومي ايڪشن پلان تي عمل نه پيو ٿئي، روزانو 10 هزار ماڻهو غير قانوني طريقي سان ملڪ ۾ داخل ٿيندا ته ايڪشن پلان تي  عمل ڪيئن ٿيندو؟. چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اين جي اوز جي رجسٽريشن ۽ فنڊنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ قومي ايڪشن پلان هر ڏهاڙي ڪو نئون ڪيس اچي ٿو. عدالت سوال ڪيو ته ڇا قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته حڪومت ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري رهي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته قول ۽ فعل ۾ فرق آهي، 9 مهينا ٿيا آهن پر ايڪشن پلان تي عمل ٿيندي نظر نه چيو اچي، طور خم بارڊر تي ماڻهو پئسا ڏئي مقرريون ڪرائي رهيا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن بارڊرز ذريعي روزانو 15 کان 20 هزار ماڻهو غير قانوني طور سان داخل ٿيندا ته پوءِ ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪيئن ٿيندو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته بارڊر ذريعي ايندڙ دهشتگرد آهن يا اسمگلر، ان حوالي سان ڪو به نظام موجود نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *