روزانو اڍائي سئو رپيا ڪمائيندڙ حارث رئوف پي ايس ايل جي دل بڻجي ويو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز خلاف چار وڪيٽن جي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي لاهور قلندرز کي ڪاميابي ڏياريندڙ 24 سالن جو فاسٽ بالر حارث رئوف جي گمنامي کان شهريت حاصل ڪرڻ تائين جي ڪهاڻي دلچسپ آهي. راولپنڊي جي هن نوجوان فاسٽ بالر پارٽ ٽام سيلز مين طور هڪ دڪان تي ڪم ڪيو آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ روڊن تي ٽيپ بال ڪرڪيٽ به کيڏي پر والدين حارث جي شوق جا مخالف هئا. حارث رئوف کي ڪرڪيٽ جو جنون گوجرانوالا وٺي ويو، جتي لاهور قلندرز جي رائزنگ اسٽارز پروگرام تحت ٽرائلز ٿي رهيا هئا ۽ هن اُتي تيز ترين بالنگ جو مظاهرو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *