رنگ روڊ منصوبي جِي شڪايت ملندَي ئِي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي، منصوبو نه روڪيون ها ته وڏو اسڪينڊل بڻجي وڃي ها: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته رِنگ روڊ منصوبي جِي شڪايت ملندَي ئِي اسان پاڻ انڪوائري شروع ڪري ڇڏي، منصوبو نه روڪيون ها ته وڏو اسڪينڊل بڻجي وڃي ها، اهڙو اظهار وزيراعظم وفاقي ڪابينا جَي اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪو. ذريعن موجب اجلاس دوران وزيراعظم وفاقي وزير غلام سرور خان کان پڇيو ته، اوهان جو نالو نه هو ته پوءِ اوهان پريس ڪانفرنس ڇو ڪئي؟ غلام سرور خان جواب ڏنو ته سوشل ميڊيا تي منهنجو نالو هلي رهيو هو، ائين لڳي رهيو آهي ته پنجاب حڪومت منهنجي خلاف سازش ڪئي آهي، صوبائي حڪومت جِي جاچ ۽ ٽي او آرز منهنجي خلاف آهن، وزيراعظم عمران خان چيو ته اڃا فيڪٽ فائينڊنگ رپورٽ آئي آهي، جاچ ٿيڻي آهي ۽ فيڪٽ فائينڊنگ رپورٽ ۾ اوهان جو نالو ناهي آيو، رِليڪس ٿيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *