رنوير سان شادي جون خبرون رد، دپيڪا کي سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارا دپيڪا پدوڪون دبنگ اداڪار سلمان خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري آهي، ڀارتي اخبار کي انٽرويو ڏيندي دپيڪا پدوڪون چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هن پنهنجي ڪيريئر ۽ پاڻ ۾ بهتر تبديليون ڏٺيون آهن،هوءَ پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد کي سدائين هاڪاري انداز ۾ وٺي ٿي ۽ ان مان پنهنجي غلطين جو اندازو لڳائي سکي ٿي، هن چيو ته هوءَ پنهنجي ڪم کي وقت سان گڏ بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،ڇو ته کيس فلمن سان محبت آهي،رنوير سنگهه سان شادي وارين خبرن جي ترديد ڪندي دپيڪا ٽوڪ واري انداز ۾ چيو ته شايد ماڻهو منهنجي زندگي کي مونکان وڌيڪ بهتر نموني ڄاڻن ٿا!دپيڪا هن وقت تائين شاهه رخ خان سان ٽن فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي ۽ هاڻ کيس سلمان خان سان ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي.هن چيوته هوءَ ترت سلمان خان سان ڪنهن فلم ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي. پنهنجي تازي فلم باجي رائو مستاني جي حوالي سان هن چيو ته اها پهرين فلم آهي، جنهن تي سندس ڪٽنب سندس تمام گهڻي واکاڻ ڪئي. دپيڪا چيو ته منهنجي ڪٽنب مطابق اها منهنجي هن مهل تائين جي سڀ کان بهترين فلم هئي، پر منهنجي بابا چيو ته مونکي اڃا ان کان وڌيڪ بهتر ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته باجي رائو مستاني جو سفر مون لاءِ تمام گهڻو خاص هو ۽ مان پهريون ڀيرو اها فلم ڏسڻ کانپوءِ ٻه ڪلاڪ روئيندي رهيس. هالي ووڊ ۾ اداڪار ون ڊيزل سان گڏ فلم ۾ ڪم ڪرڻ بابت دپيڪا پدوڪون چيو ته هڪ اداڪارا جي حيثيت ۾ هوءَ رڳو بهتر ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، پوءِ اها بالي ووڊ هجي، هالي ووڊ يا ڪا مراٺي فلم ئي ڇو نه هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *