رنبير ۽ ڪترينه وچ ۾ لاڳاپن جو خاتمو، سلمان خان جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي رنبير ڪپور ۽ ڪترينه ڪيف وچ ۾ لاڳاپا ختم ٿيڻ جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي. بالي ووڊ ذريعن اداڪار سلمان خان، رنبير ڪپور ۽ ڪترينه ڪيف بابت 2009ع ۾ چيو هو ته اداڪار رنبير ڪترينه سان ويجهڙائپ نه وڌائي ۽ هو سندس دل ٽوڙي هلي ويندي ۽ هلندڙ سال رنبير ڪپور ۽ ڪترينه ڪيف بابت بريڪ اپ کانپوءِ سلمان خان جي اڳڪٿي سچ ثابت ٿي وئي آهي، ڪترينه هاڻي سلمان خان جي زندگيءَ جو ٻيهر حصو بڻجڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، سندس ڪوششون رنگ لاهينديون يا نه. ڪترينه جي تازو ئي فلم فتور رليز ٿي آهي جنهن تي مداحن جي سٺي موٽ ملي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *