رنبير ۽ ايشوريا جي 18 سال پراڻي تصوير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي مشهور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سهڻي اداڪارا ايشوريا راءِ بچن ۽ نوجوان اداڪار رنبير ڪپور جي فلم“اي دل هي مشڪل” رليز کان اڳ ئي شوقينن کي گهڻو بيچين ڪيو آهي. جتي هي ٻئي اداڪار پهريون ڀيرو گڏ فلم ۾ نظر ايندا اتي ئي هن فلم جي ٽريلر ۽ گيتن کي ڏسي سندن چاهيندڙن ٻنهي جي جوڙي کي گهڻو پسند ڪيو آهي.پر جيڪا ٻئي ڳالهه سندن چاهيندڙن جي نظرن جو مرڪز آهي اها آهي ٻنهي اداڪارن جي 18 سال پراڻي هڪ تصوير.اها تصوير 42 سالن جي ايشوريا جي ڪيرئير جي شروعات ۾ ورتي وئي هئي،جڏهن ته هوءِ 34 سالن جي رنبير ڪپور جي پيءُ رشي ڪپور ۽ اڪشي کنا سان فلم “آ اب لوٽ چلين” جي شوٽنگ ڪري رهي هئي.اها تصوير سماجي رابطن وارين ويب سائيٽن تي ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *