رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف ۾ اختلاف وڌي ويا

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ ڪترينا ڪيف ۾ اختلاف ايترا ته وڌي ويا آهن، جو هو پنهنجي ايندڙ فلم ”جگا جاسوس“ جي شوٽنگ دوران به هڪ ٻئي کان پري پري رهڻ لڳا آهن، بالي ووڊ ذريعن مطابق رنبير ۽ ڪيٽ هن وقت فلم جي هڪ گاني جي شوٽنگ ڪرائي رهيا آهن، جنهن لاءِ هڪ زبردست سيٽ ٺاهيو ويو آهي، سيٽ تي موجود اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته اڳوڻي جوڙي گاني لاءِ سيٽ تي ڌار ڌار پهتي ۽ هو ٻئي ان مهل تائين هڪ ٻئي کان پري بيٺا رهيا، جيستائين گاني جي گهرج مطابق کين هڪ ٻئي جي ويجهو نه اچڻو پيو، ذريعن مطابق ان موقعي تي گهڻن ئي ماڻهن کي ڪوشش ڪئي ته رنبير ۽ ڪترينا جي گاني کان هٽي هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ واري تصوير ڪڍجي پر کين ان ۾ مايوسي جو منهن ڏسڻو پيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *