رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ ٻن هفتن اندر شادي ڪري ڇڏيندا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ جو چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ ٻن هفتن اندر شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا.ٻنهي ۾ لاڳاپا ته 2017 کان هلي رهيا هئا پر افواهن ۾ تيزي دپيڪا جي شادي کانپوءِ آئي.هڪ تازي انٽرويو ۾ رنبير ڪپور ٻڌايو هو ته هو عاليا سان شادي ڪندو پر هن تاريخ نه ٻڌائي هئي.هاڻي ڀارتي ميڊيا اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته جوڙي جي ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته ٻنهي جي شادي ٻن هفتن ۾ ٿي ويندي.اهو ٻڌايو پيو وڃي ته شادي جي تقريب ۾ عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور جا ويجها دوست ۽ ويجها مائٽ شرڪت ڪندا.رپورٽ موجب رنبير ڪپور اڄ ڪلهه فلم جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي، شرڌا ڪپور سان اها شوٽنگ 13 اپريل تي ختم ٿيندي ۽ 20 اپريل تائين جوڙو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *