رنبير ڪپور ۽ دپيڪا پڊوڪون فلم ”تماشا“ جي ناڪامي بعد پروڊيوسر کي 15 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻ جو فيصلو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور ۽ دپيڪا پڊوڪون پروڊيوسر ساجد ناڊياوالا کي 15 ڪروڙ رپيا واپس ڪندا. ڀارتي ميڊيا موجب رنبير ڪپور ۽ دپيڪا پڊوڪون هدايتڪار امتياز علي جي فلم ”تماشا“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. جيڪا باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. جنهن تي ٻنهي اداڪارن پروڊيوسر ساجد ناڊياوالا کي 15 ڪروڙ رپيا واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن تحت رنبير 10 ڪروڙ ۽ دپيڪا 5 ڪروڙ ادا ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *