رنبير ڪپور وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي چاڪيلٽي هيرو رنبير ڪپور انڪشاف ڪندي ٻڌايو آهي ته سندس سوشل ميڊيا تي ڳجهو اڪائونٽ موجود/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 36

آهي جنهن ذريعي هو پنهنجي اڳوڻين گرل فرينڊز کي فالو ڪندو آهي.رنبير ڪپور هونئن ته سدائين ميڊيا کان پري ڀڄندو آهي ۽ سوشل ميڊيا جو به استعمال ناهي ڪندو پر هاڻ هن هڪ تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ ڳجهي اڪائونٽ موجود آهي،  جنهن سان هو پنهنجي اڳوڻين گرل فرينڊز ڪترينا ڪيف، دپيڪا پڊوڪون سميت سندس مڙس رنوير سنگهه کي به فالو ڪندو آهي.رنبير وڌيڪ ٻڌايو ته هو ڀارتي هدايتڪار مهيش ڀٽ جي نياڻي ۽ سندس هاڻوڪي سنگتياڻي عاليا ڀٽ کي به فالو ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *