رنبير منهنجو ڀاءُ آهي،ڪترينا کان سندس ڌار ٿيڻ بابت ڪجهه نه ٿي چئي سگهان: ڪرينا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته رنبير ڪپور سندس ڀاءُ آهي ۽ ڪترينا کان سندس ڌار ٿيڻ بابت هوءَ ڪجهه به نه ٿي چئي سگهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ ڪرينا ڪپور چيو ته رنبير سندس ڀاءُ آهي، تنهن ڪري کيس ان بابت ڪابه ناڪاري ڳالهه پسند ناهي، هوءَ پنهنجي ڀاءُ کي زندگي ۾ سدائين خوش ڏسڻ ٿي چاهي، سندس چوڻ هو ته رنبير کيس ڪترينا کان رستا ڌار ٿيڻ بابت ڪجه به ناهي ٻڌايو پر جيڪڏهن هو کيس اهو ٻڌائي به ها ته هوءَ ان جو ذڪر ميڊيا ۾ ڪڏهن به نه ڪري ها، ڇو ته اهو رنببير ۽ ڪترنا جو ذاتي معاملو آهي، ڪرينا ڪپور چيو ته اسان کي ڪو به حق نه ٿو پهچي ته اسان سندن گهرو زندگي ۾ مداخلت ڪيون. واضح هجي ته ڪرينا ۽ رنبير پاڻ ۾ سئوٽ آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *