رميز راجا کي آءِ پي ايل مقابلن ۾ ڪوچن جي مداخلت تي اعتراض

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر رميز راجا آءِ پي ايل ڪوچن جي ميدان ۾ مداخلت تي اعتراض واري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي بيان ڏيندي رميز راجا جو چوڻ هو ته مون کان اها ڳالهه هضم نه ٿي ٿئي ته اننگز شروع ٿيڻ کان اڳ جڏهن رانديگر ميدان ۾ گڏ ٿي حڪمت عملي جي باري ۾ ڳالهائيندا ۽ پنهنجو عزم جوان ڪندا آهن ته ڪوچ ڇو اچي بيهندا آهن؟ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر چيو ته بائونڊري جي اندر 75 ميٽر جي گرائونڊ ۾ ڪپتان جي حڪمراني هجڻ گهرجي، جنهن کي ٽيم جي قيادت ڪرڻي آهي اهو ئي بس نظر اچي ۽ رانديگرن کي هدايت ڏئي ته بهتر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *