رمشا وساڻ جي خون کي لوڙهڻ جي سازش ٿئي پئي ، ڪوبه جرڳو ناهي ٿيو ، پٽ کي بجائڻ لاءِ پرويز ڊرامو رچايو آهي: رمشا جي امڙ

ڪنب( رپورٽر )رمشا وساڻ جي خون کي لوڙهڻ جي سازش ٿئي پئي ڪوبه جرڳو ناهي ٿيو اظهار وساڻ کي بچائڻ لاء سندس والد پرويز وساڻ جرڳي جو ڊرامو رچايو آهي رمشا جي قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي رمشا جي امڙ مسمات خرشيد جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه خبر موجب 2 هفته اڳ ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ نواب خان وساڻ ۾ بي دردي سان قتل ٿيل رمشا وساڻ جي امڙ مسمات خرشيد وساڻ سندس مڙس پرويز وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رمشا جي قتل جو ڪوبه جرڳو ناهي ٿيو اظهار وساڻ ذوالفقار وساڻ سان گڏ هو رمشا کي قتل ڪرڻ وقت،پوليس رمشا وساڻ جي قتل ۾ ملوث  اظهار وساڻ رياض عمران کي گرفتار نٿي ڪري اسان جي ماڻهن کي پوليس هرو ڀرو تنگ ڪري ٿي، جنسار وساڻ پنهنجي پٽ اظهار وساڻ کي بچائڻ لاءِ ڊرامو رچائي رهيو آهي ڪوبه جرڳو ناهي ٿيو رمشا جي قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي جنسار وساڻ پوليس اهلڪار آهي اظهار وساڻ جو والد آهي ۽ قاتلن جو سهولت ڪار آهي،اظهار وساڻ رياض عمران رمشا جا قاتل آهن رمشا کي قتل ڪندڙ جوابدارن ذوالفقار عرف ذولفو اهڙو بيان اسان 164 تحت عدالت ۾ پڻ ڪيو آهي جرڳو ناهي ٿيو ميڊيا ۾ هلايل جرڳي واري خبر ۾ ڪابه صداقت ناهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *