رليف پيڪيج جو اعلان، گذريل حڪومت جي ڪيل تباهي کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو: شھباز شريف  

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جو قوم کي خطاب. شهباز شريف قوم کي خطاب ڪندي چيو ته اتحادي جما
عتن جو ٿورو مڃان ٿو جن ساٿ ڏئي وزيراعظم بڻايو. وزيراعظم شهباز خطاب ۾ اهو به چيو ته اسان حڪومت سنڀالي ته سڀئي شعبا تباهه حال هئا، اهڙي تباهي مان ڪڏهن به زندگي ۾ ناهي ڏٺي. وزيراعظم اهو به چيو ته گذريل سال جي حڪومت جي ڪيل تباهي کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هن اهو به چيو ته عمران خان ڪوڙو خط ڏيکاري خطرناڪ راند کيڏي، سيڪيورٽي ايجنسين جي رپورٽ باوجود ته اهڙي ڪا به سازش ناهي ٿي پر ان جي باوجود هڪ شخص مسلسل ڪوڙ هڻي رهيو آهي. وزيراعظم اهو به چيو ته آئيني طريقي سان حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ غير قانوني دروازا نه کڙڪايا ويا. وزيراعظم اهو به چيو ته نواز شريف جي دور ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو هيو ته هڪ شخص ڌرڻا هڻي ان جي حڪومت کي ختم ڪيو ۽ چيني صدر جو دورو به ڪينسل ڪرايو. وزيراعظم شهباز شريف اهو به چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ حڪومت جي ذميواري آهي جنهن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اڳوڻي حڪومت جي آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب پيٽرول جا اگهه وڌائنا پيا. هن اهو به چيو ته ملڪ آئين مطابق هلندو ڪنهن هڪ شخص جي هٺ ڌرتي تي نه هلندو. هن اهو به چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ٿي جيڪا اڳ ڪڏهن به ناهي ٿي. وزيراعظم اهو به چيو ته معيشت کي تباهه ڪرڻ ۾ به اڳوڻي حڪومت جو هٿ آهي. ٻئي پاسي وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ حڪومتي اتحادين جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم آءِ ايم ايف سان ڳالهين، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ٻين معاملن تي اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو.ذريعن موجب وزيراعظم اتحادين کان غريب طبقي تي بار نه وجهڻ بابت رليف پيڪيج تي مشاورت ڪئي ۽ تيل اگهن ۾ ٽارگيٽڊ سبسڊي تي به اتحادين کي اعتماد ۾ ورتو.ذريعن موجب ٽارگيٽڊ سبسڊي ۾ موٽرسائيڪل، رڪشو ۽ 800 سي سي گاڏين کي رليز ڏنو ويندو.تيل اگهن جي قيمتن ۾ ٽارگيٽڊ سبسڊي ذريعي سوا ڪروڙ ماڻهو فائدو وٺندا.تيل اگهن جي قيمتن ۾ ٽارگيٽڊ سبسڊي بينظير انڪم رپورٽ پروگرام ذريعي ڏني ويندي.ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي.ذريعن مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي. ڪنهن جٿي جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين، ماضي ۾ جيڪو وقت ضايع ٿي ويو وڌيڪ وقت ضايع نٿا ڪرڻ چاهيون. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ اهو به چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *